سنڌ

شڪارپور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف مظاهرو

شڪارپور ويجهو راڙهي راهوجا جي ڳوٺ گلاب جعفري جي رهواسين الله بخش جعفري، ذوالفقار، خدابخش جعفري ۽ ٻين شڪارپور پريس ڪلب پهچي روهڙي جي جهانگڙو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيو ته اسان شڪارپور جي ڳوٺ گلاب جعفري جا رهواسي آهيون مال جي پالنا لاءِ خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ ويندا آهيون، هاڻي به روهڙي ويجهو روشن آباد ۾ ويٺا آهيون 5 ڏينهن اڳ اسان جا ٻه نوجوان افضل جعفري ۽ جمال الدين جعفري شاهه حسين ميلي تان واپس اچي رهيا هئا ته جهانگڙو پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪيو. ايس ايڇ او آزادي لاءِ 5 لک رشوت گهري، نه ڏيڻ تان ڪالهه افضل جعفري کي ايئرپورٽ واري علائقي ۾ مبينا مقابلو ڏيکاري پوليس ماري ڇڏيو آهي، جنهن جو لاش سول اسپتال سکر ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي نوجوان کي سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي 5 ڪلو چرس ڏيکاريو ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button