سنڌ

ميان صاحب ويجهو 8 مهينا اڳ فوت ٿيل نوجوان جي قبرڪشائي

ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير ڪيھر ۾ 8 مھينا اڳ فوت ٿيل عبدالحق پٽ غلام حيدر ڪيهر جي ڀا عبدالغفور ڪيھر ٽي مھينا اڳ شڪارپور ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته منھنجي ڀا عبدالحق کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، جنھن بعد عدالتي حڪم تي سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي فوتي جي ڀا جي فرياد تي جوابدارن فوتي جي زال بيگم ڪيھر، سڪندر ڪيهر، عاشق ڪيهر عبدالمجيد ڪيهر سميت 7 جوابدارن خلاف ايف آ آر پڻ درج ڪئي وئي هئي، جنھن بعد عدالت قبرڪشائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ گذريل ڏينھن سلطان ڪوٽ پوليس جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم سيد ڀرپور شاهه قبرستان ۾ عبدالحق پٽ غلام حيدر ڪيهر جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا پوسٽ مارٽم لا ورتا آھن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ محمد نواز ڪورائي ٻڌايو ته فوتي جي ڀا عدالت کي درخواست ڏني ھئي ته منھنجي ڀا کي سندس گھرواري بيگم، سڪندر، عاشق ڪيهر ۽ ٻين زهر ڏيئي ماريو آهي، جنهن بعد عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ ڪرڻ لا عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪري ڊاڪٽرن لاش جا جزا ورتا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button