سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ تي ڇڪتاڻ، پوليس فائرنگ ۾6 زخمي

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني شاهو ٻوراهو پاڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي روپوش ڏوهاري امير علي پٽ محمد يوسف بروهي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن دوران پوليس ۽ رهواسين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿي وئي، پوليس فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. پوليس ڪارروائي خلاف بروهي برادري جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي فيض محمد، فدا حسين، آصف علي، گلزار بروهي، نثار بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته رحمت پور ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري امير علي پٽ محمد يوسف بروهي کي گرفتار ڪيو. عورتن ۽ ٻارن پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون ته پوليس فائرنگ ڪري پيرسن عورت در بي بي، سونيا خاتون، قربان، رشيد، عامر ۽ شهزاد بروهي کي زخمي ڪيو. هنن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او تعلقه خادم مگسي سازش تحت گهرن تي چڙهايون ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين. هوڏانهن ايس ايس پي جي نوٽيس وٺڻ بعد ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ، ڊي ايس پي ميران خان دراني سان گڏجي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button