
عمرڪوٽ: ضلعي عمرڪوٽ ۾ 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سمورا آر اوز، اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارز پنھنجو مڪمل ٽرانسپورٽيشن پلان تيار ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. اھڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ دربار ھال ۾ ٽرانسپورٽيشن پلان جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اي ڊي سي ون ڪبير محمد شاھه، ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ احمد علي عباسي، ٽرانسپورٽ مالڪن، سيڪريٽري آر ٽي اي، ٽريفڪ سارجنٽ انسپيڪٽر نور احمد سومرو سميت ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي ھدايت ڪندي چيو ته اسان کي بلدياتي اليڪشن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي عملو ۽ پولنگ عملي سميت ٻيو اليڪشن مٽيريل وقت سر پھچائڻ لاءِ گھربل گاڏين جا مڪمل تفصيل، ڊرائيورن جي نالن جي مڪمل لسٽ رابطي نمبرن سان گڏ ڏني وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ خطاب ڪندي چيو ته نارمل پولنگ اسٽيشنن، حساس پولنگ اسٽيشنن ۽ انتھائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس جا اهلڪار سيڪورٽي لاءِ موجود ھوندا. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي رينجرز جي اهلڪارن جي مقرري لاءِ ڊي جي رينجرز کي خط لکيو آھي.