اسلام آباد: پنجاب، خيرپختونخوا، بلوچستان ۽ ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پري مون سون برساتن جو سلسلو جاري آهي. لاهور، ملتان، خانيوال، مظفر ڳڙهه، ڊي جي خان، وهاڙي، ساهيوال، اوڪاڙه، لوڌران، مانگا منڊي، فورٽ عباس، ڪالاشاهه ڪاڪو، بوريوالا، سرا مغطل، پشاور، راولا ڪوٽ، باجوڙ، شير ڳڙهه، مردان، سوات، مري، ميرپور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي جنهن جي نتيجي ۾ گرمي گهٽجي وئي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. جڏهن ته بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز طوفان ۽ برساتن سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا ۽ بجلي غائب ٿي وئي آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ڪاغان ماٿري ۾ برفباري به شروع ٿي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close