اسلام آبادپنجابسنڌ

ٽنڊوالهيار ۽ ڪلچاس ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن. او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ڳولهڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪمپني جي ماهرن سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا آهن. ترجمان موجب پهرين ڪاميابي سنڌ مان ٽنڊوالهيار ضلعي جي نم بلاڪ مان ملي، جتان نم کوهھ اوڀر هڪ مان روزاني 1400 بيرل تيل جڏهن ته 5 ڏهائي ٻڙي 2 ملين ايم ايم ايس سي ايف ڊي جا ذخيرا مليا آهن. ان کان علاوه او جي ڊي سي ايل کي ڪلچاس بلاڪ صوبي پنجاب ۾ ڪلير شم هڪ تي گئس دريافت ڪرڻ جي ٻئي ڪاميابي ملي آهي، ترجمان موجب ڪلچاس ايڪسپلوريٽري لائسنس تحت او جي ڊي سي ايل ۽ ايم پي سي ايل 50-50 سيڪڙو جي جوائنٽ وينچر تحت حصيدار آهن. ڪلچاس بلاڪ ڪليري شم کوھه هڪ مان هڪ ڏهائي 24 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس روزاني جا ذخيرا مليا آهن، جنهن کي مقامي وسيلن تي انحصار جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button