خانپورمهر: خانڳڙهھ تعلقي جي 6 يوسيز تي علي گوهر مهر جا نامزد اميدوار ڪامياب ٿي ويا، پ پ هڪ يوسي به نه کٽي سگهي، مڪاني چونڊن جا نتيجا پڌرا نه ڪرڻ خلاف جي ڊي اي اميدوارن ۽ ڪارڪنن آر او آفيس ٻاهران سخت احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب خانڳڙھه تعلقي جي 6 يوسيز ڀيٽور، علي مهر، مٺڙي، لوهي، قاضي بادل ۽ ڪنڊلو تي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ مهر گروپ جي سربراهه علي گوهر مهر جا نامزد اميدوار ڪامياب ٿي ويا، پ پ هڪ يوسي به نه کٽي سگهي. هوڏانهن گذريل ڏينهن ٿيل مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا آر او پاران نتيجا پڌرا نه ڪرڻ خلاف جي ڊي اي اميدوار توڙي جي ڊي اي ۽ مهر گروپ جا ماڻهو آر او آفيس پهچي ويا، جتي جي ڊي اي اميدوارن ۽ ڪارڪنن خانپور مهر جي آر او آفيس ٻاهران سخت احتجاج ڪندي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ۽ مڇريل ماڻهن ڇتي نعريبازي ڪئي. ڪارڪنن جو چوڻ هو ته آر او آفيس مان ڄاڻي واڻي رزلٽ نه پيو ڏنو وڃي، خدشو آهي ته رزلٽ ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي. اطلاع تي حاجي خان مهر به پهچي ويو. ان موقعي تي حاجي خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان تعلقي خانڳڙهھ جي سمورين يوسيز تي پ پ کي ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، ان ڪري رزلٽ نٿو ڏنو وڃي. نتيجا پڌرا ڪرڻ آر او ۽ ڊي آر او جي ذميواري آهي، اسان کي خبر آهي ته هتي مشينري ڪم ڪري رهي آهي. هوڏانهن ٻن ڪلاڪن جي احتجاج بعد آر او تعلقي خانڳڙهه جي ڇهن ئي يوسيز جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو. آر او خانڳڙهه نعيم احمد سهتو پاران جاري ڪيل چونڊ نتيجن موجب يوسي مٺڙي تي جي ڊي اي چيئرمين اربيلو مڱريو 2554 ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر نواب علي مهر 2496 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا، پ پ جو عبدالرحيم مهر 1461 ۽ اقبال مهر 1533 ووٽ کڻي هارائي ويا. يوسي ڪنڊلو تي جي ڊي اي جو چيئرمين پهلوان مهر 2002 ۽ ضلعي ميمبر سانوڻ مهر 2072 ووٽ کڻي ميدان ماري ويا، پ پ جي اعجاز مهر 1802 ۽ مير خان مهر 1656 ووٽ کڻي هارجي ويا،يوسي ڀيٽور تي جي ڊي اي طرفان چيئرمين لاء ناظم خان مهر 3021 ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ علي ڏنو خان مهر 3085 ووٽ کڻي سوڀارا ٿي ويا، پ پ جي وسند مهر 2256 ۽ دستگير مهر 2327 ووٽ کڻي کين ناڪامي نصيب ٿي،يوسي علي مهر تي به جي ڊي اي جو زوهيب شاہه چيئرمين 2611 ۽ ظهور مهر ضلعي ڪائونسل جي سيٽ 2598 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا، پ پ جو امان الله مھر 1756 ۽ منظور مهر 1743 ووٽ کڻي هارائجي ويا. يوسي قاضي بادل تي به جي ڊي اي جو پلڙو ڀاري چيئرمين تي قاسم چاچڙ 2932 ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر غوث بخش مهر 2855 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته پ پ جا قاضي شير محمد مهر 1874 ۽ ممتاز علي مهر 1875 ووٽ کڻي هارائجي ويا، يوسي لوهي تي به جي ڊي اي ڪانٽي جي مقابلي کانپوءِ پ پ کي شڪست ڏئي ڇڏي، چيئرمين جي سيٽ تي جي ڊي اي جو عبدالخالق مهتم 2955 ۽ ضلعي ڪائونسل ممبر انور گبول 3047 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا، جدهن ته پ پ جو خوش محمد ڀٽي 2892 ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر ارباب سولنگي 2683 ووٽ کڻي هارائجي ويا، ٻئي طرف جي ڊي اي جي ڪامياب اميدوارن اربيلو فقير مڱريو، حاجي علي ڏنو خان مهر، زوهيب شاهه، گامڻ گبول، حاجي سانوڻ مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي ڊي اي ۽ مهر گروپ جي ڪارڪن ريليون ڪڍي گوهر پيلس پهتا، جتي هنن علي گوهر خان مهر ۽ حاجي خان مهر کي مبارڪون ڏنيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close