سنڌ

رتوديرو ۾ قتل ڪيل پوليس اهلڪار جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

رتيديري ۾ مقتول پوليس اهلڪار جي وارثن انصاف لاءِ احتجاج ڪيو. هفتو اڳ لاڙڪاڻو ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل رتوديرو واسي پوليس اهلڪار اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ جي وارثن انصاف لاءِ احتجاج ڪندي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ مقتول پوليس اهلڪار جي وارثن منظور علي، رياض احمد، اصغر علي، شيراز، غفار، اياز، انور، محمد صديق، ماجد سيانچ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته ڪورٽ مان واپسي تي غلام اڪبر سيانچ مٿان فائرنگ ڪري کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، قتل ۾ غلام حسين، شاهنواز، محمد مٺل، برڪت، صحبت ۽ ستار ڀٽي ملوث آهن. هنن چيو ته ڄاڻايل 6 جوابدارن مان پوليس ڪنهن هڪ جوابدار کي به گرفتار ناهي ڪيو. ڀٽي برادري وارن ماڻهو اسان جو قتل ڪيو ۽ وري اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته مقتول اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button