پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ ٽرانسفارمر خراب هجڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي جي بلوچ پاڙي جو بجلي جو ٽرانسفارمر هفتي کان سڙيل هجڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، جن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ مين ٽنڊوالھيار-ٽنڊوآدم روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شھرين ابوبڪر بلوچ، حيدر بلوچ، محبوب بلوچ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ھڪ ھفتي کان ٽرانسفارمر خراب آھي، بجلي نه هجڻ سبب مسجدن ۽ گهرن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، سخت گرمي ۾ راتون جاڳڻ تي مجبور آهيون، ڪيترائي ئي ڀيرا حيسڪو ٽنڊوالھيار وارن ٽرانسفارمر جي مرمت بھاني لکين رپيا ورتا، پر ٽرانسفارمر لڳائڻ جي هفتي بعد ٻيهر خراب ٿي وڃي ٿو، حيسڪو جا اعلى عملدار شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلو حل نٿا ڪن. هنن چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بلوچ پاڙي لاءِ نئون ٽرانسفارمر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي چئن ڪلاڪن کان جاري احتجاج سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ايس ايڇ او عمر ساند منظور احمد جمالي ۽ يوسي ڊاسوڙي تي نامزد چيئرمين غلام بلوچ پهچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته مسئلو حل ڪيو ويندو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button