پاڪستانسنڌ

پ پ پولنگ عملي جي ملي ڀڳت سان چونڊ کٽي:ارباب رحيم

مٺي: اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ اندر مڪاني چونڊ جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڌنڌلي ذريعي هٿرادو نتيجا ٺاهيا ويا آھن، ووٽ جي اهميت هوندي هئي، جيڪا ڌانڌلين ذريعي ختم ڪري عوام کي مايوس ۽ بيزار ڪيو ويو آھي، هاڻ عوام ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کي وقت جو زيان سمجهڻ شروع ڪيو آھي، حڪمرانن جهموري طريقي بدران جنگ جو ميدان بڻائي چونڊ نتيجا حاصل ڪرڻ شروع ڪيا آھن، اهڙو عمل جهموري نظام لا خطرناڪ آھي. اڳوڻي ايم اين اي ارباب ذڪاالله ۽ ارباب ظفرالله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب رحيم وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سڄي سنڌ اندر ڌانڌليون ڪري پ پ مخالف اميدوارن کي زبردستي هارايو ويو، عوام کان ووٽ جو حق کسيو وڃي ٿو، ساڳي صورتحال رهي ته اسان وٽ افغانستان جهڙيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان اڳواٽ اليڪشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون، پر ڌانڌلين کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، سنڌ اندر پ پ ووٽ ذريعي چونڊ نه کٽي آھي، پر پولنگ عملي جي ملي ڀڳت سان رڪارڊ ڌانڌلي ڪري هٿرادو چونڊ نتيجا ٺاهيا ويا آھن، اسان ڌانڌلين جا رڪارڊ ثبوت هجڻ باوجود عدالتن يا اليڪشن ٽربيونل ۾ نه وينداسين، اتان نه ڪڏهن ڪنهن کي انصاف مليو آھي، نه وري اسان کي اميد آھي، اليڪشن ٽربيونل فيصلن ۾ ايتري دير ڪن ٿا جو ٻي چونڊ ٿي وڃي ٿي. ٿر جي پولنگن تي رجسٽرڊ ووٽن کان ٻيڻ تي وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ ڏيکاريا ويا ۽ ٺپا لڳل بيلٽ پيپر باڪسن ۾ زبردستي وڌا ويا، جنهن جا اسان وٽ وڊيو ثبوت آھن، چونڊ نتيجا پ پ وارن جي بنگلن تي تبديل ڪيا پيا وڃن اهڙيون چونڊون ڪرائي ملڪ جي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۽ عوام کي گهراهه ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. هن چيو ته اي وي ايم کانسوا ملڪ ۾ شفاف چونڊ جو تصور اجايو آھي، عمران خان اهڙي ڪوشش ڪئي، پر سياسي مافياز ان جي پويان پئجي ويون. هن چيو ته ٿر جي پولنگن تي قبضا ڪري ٺپا ٺپي ڪئي وئي، پ پ وارن مختلف ضلعن مان غنڊا آڻي خونريزي جهڙو ماحول ٺاهيو، پوليس غنڊن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ مصروف هئي. سنڌ ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر پ پ جا جيالا هجن ته اهي ڪيئن شفاف چونڊ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button