اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ٽائيگر فورس جي ويب سائيٽ لانچ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان نوجوانن کي ٽائيگر فورس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي ويب سائيٽ لانچ ڪري ڇڏي. پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٽائيگر فورس، عورتن ۽ نوجوانن سان مخاطب آهيان، اسان جو ملڪ جنهن موڙ تي بيٺو آهي، اتي اوهان جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻاهرين مداخلت جي ذريعي هڪ حڪومت مڙهي وئي. هن چيو ته 30 سالن کان ملڪ جو رت چوسيندڙ ڏوهارين کي اقتدار ڏنو ويو. هن چيو ته ٻن گهراڻن ٻاهرين طاقتن جي غلامي ڪئي، هي ان لاءِ اقتدار ۾ آندا ويا ته جيئن ٻاهر جي ايجنڊا تي هلن، هي اسان جي انصاف جو نظام تباهه ڪري ڇڏيندا، هنن نيب ۽ ايف آئي اي تباهه ڪري ڇڏي آهي، هي ڪڏهن به صاف ۽ شفاف اليڪشن نه ٿيڻ ڏيندا.

هن چيو ته پنجاب جي 20 تڪن جي اليڪشن ۾ هاڻي کان ڌانڌلي ٿي رهي آهي، پارٽي جي ليڊرشپ تي ايف آئي آر ڪٽيل آهي، مون مٿان 9 ايف آئي آر داخل ڪرايون ويون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ ختم ٿي وئي، پنجاب ۾ به تماشو لڳل آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اهڙي شخص کي اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو جيڪو (ن) ليگ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندو. هن چيو ته ميڊيا تي فاشسٽ هٿڪنڊن جي ذريعي بدترين سختيون مڙهيون ويون آهن. هن چيو ته نالي وارن اينڪرز تي ايف آئي آر ۽ ميڊيا مالڪن کي ڪالز جي ذريعي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي ڌمڪايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button