اسلام آبادپاڪستان

نيپرا بجلي في يونٽ 7 رپيا 90 پيسا وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيپرا مئي جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ذريعي في يونٽ بجلي هڪ مهيني لاءِ وڌيڪ 7 رپيا 90 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي آهي. خبر موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي مئي جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 7 رپيا 96 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي درخواست تي شنوائي مڪمل ڪري ورتي، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ٿيندو. ايڪسپريس نيوز موجب، نيپرا کي ٻڌايو ويو ته بجلي پيداوار جي لاءِ ڪتب ايندڙ ٻارڻ جون قيمتون ٽيڻيون ٿي چڪيون آهن، ايل اين جي پهريان ته ملي نٿي، ملي به وڃي ته 42 ڊالر في ايم ايم بي ٽي ڏهاڙي تي ملي رهي آهي جيڪا بجلي واهپيدارن لاءِ فائديمند ناهي.

نيپرا موجب مئي ۾ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي واڌ 7 رپيا 90 پيسا ٺهندي، واڌ جو اثر 113 ارب رپيا ٿيندو، هي واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي. ايڪسپريس نيوز موجب، سي پي پي اي عملدارن ٻڌايو ته عالمي سطح تي فيول جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، پهرين عالمي سطح تي ڪوئلو گهڻو سستو هو، پر روس ۽ يوڪرين جي جنگ سبب عالمي سطح تي ڪوئلو گهڻو مهانگو ٿي ويو آهي. سي پي پي اي عملدارن موجب، جولاءِ جي آخر جي لاءِ 42 ڊالر قيمت تي ايل اين جي ڪارگو ملي رهيا آهن، پر موجوده حالتن ۾ انهن کي خريد ڪرڻ ناممڪن آهي، ڊگهي مدي واري معاهدي هيٺ به هڪ ڪارگو ڪينسل ڪيو ويو آهي. چيئرمين نيپرا چيو ته اسان ڪجهه ڪريون ٿا تڏهن به ڦاسون ٿا، صورتحال اها آهي ته بجلي نه ٺاهيون ته لوڊشيڊنگ ۽ ٺاهيون ٿا ته مهانگي واري صورتحال آهي، الله جو واسطو آهي هاڻي درآمدي فيول تي بجلي نه ٺاهيو، مقامي وسيلا ڪتب آڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button