اسلام آبادپاڪستان

پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو

ڪراچي: پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. وفاقي وزير خورشيد شاهه ميڊيا جي رابطي تي ٻڌايو ته بخار ۽ کنگهه ٿيڻ تي هن ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت موجب پاڻ کي آئسيوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪرونا جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ ان جي پکيڙ جي رفتار سڀ کان وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button