ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سانڪڙ ۾ 2018ع ۾ اين ڪي بي ڪمپني طرفان ٺاھيل سمال ڊئم جي تعميراتي ڪم لا کوٽيل 30 فوٽ اونهي کڏ ۾ ڳوٺاڻن جون 5 مينهون ڪري ٻڏي مري ويون. ان ڏس ۾ ڳوٺ سيڙهيون جي رهواسي ڳوٺاڻن عليم خاصخيلي، احمد خاصخيلي ۽ سليمان خاصخيلي دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ سانڪڙ ۾ اين ڪي بي ڪنسٽرڪشن ڪمپني طرفان 2018ع ۾ سمال ڊئم جي تعميراتي ڪم لاء پاڻي جو 30 فوٽ اونهو کڏو کوٽيو، جنهن ۾ پاڻي کارو هجڻ سبب اسان جون 5 مينهون ٻڏي مري ويون آهن، کڏ پورائڻ لا اسان درخواستون ڏنيون، پر ان تي عمل نه ٿيو آهي، اسان مينهن جو کير وڪرو ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا هئاسين. هنن ڊي سي ٿرپارڪر ۽ اي سي ننگرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته کڏ ڀري ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close