سنڌ

قمبر ۾ جي يو آئي ڪارڪنن جو اليڪشن ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو

قمبر ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي واري عمل خلاف جمعيت علما اسلام جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر قمبر جي آفيس جي مکيه گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي آر او ۽ ڊي آر او خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حافظ عزير جاگيراڻي، مولانا گل انقلابي، يونس لاکو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته 26 جون تي ٿيل مڪاني چونڊن ۾ قمبر جي يونين ڪائونسل ٻير تي جي يو آءِ جو مڪمل پينل چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر سميت سمورا ڪائونسلر ڪامياب ٿيا هئا پر پر پ پ اميدوارن يوسي ٻير جي صوبيدار جي ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن تي رات جي پيٽ ۾ ڌانڌلي ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر لاءِ ڪامياب اميدوار مولانا گل انقلابي جو نتيجو تبديل ڪرائي ڇڏيو ۽ صبح جو اطلاع مليو ته يوسي ٻير تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر پ پ جو ڪامياب ٿيو آهي. ھنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته رات جو نتيجو تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوار کي هارايو ويو آهي جنهن جي مذمت ڪندي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڌانڌلي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button