سنڌ

لاڙڪاڻي جي ڪامياب اميدوارن جي ريلي، شهيدن جي مزار تي حاضري

لاڙڪاڻي شهر جي 18 يونين ڪميٽين جي ڪامياب چيئرمين، ڪائونسلرن، پ پ اڳواڻ جميل سومرو جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي ريلي ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي جميل سومرو چيو ته مخالفن پولنگن تي رنڊڪون وڌيون پر اسان پنھنجي ڪارڪنن کي روڪيو ته توھان اشتعال ۾ نه اچجو. اليڪشن ڪميشن اسان جي اميدوارن کي جيڪي ووٽر لسٽون ڏنيون ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٻيون لسٽون ڏنيون جنھن ڪري ھزارين عورتون ۽ مرد ووٽ واري حق کان رهجي ويا. هن چيو ته بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي جي 18 ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حقوق ڏنا آھن، عوام جي اسان خدمت ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ مخالفن کي رد ڪري اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري تاريخي فتح ڏياري آھي، باقي مخالفن کي جمهوري حق آھي ته ڀلي اليڪشن ڪميشن يا ٻئي ھنڌ پر امن احتجاج ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button