سنڌ

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو نوجوان جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ جمن سولنگي جي رهواسين نوجوان جي مبينا اغو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان غلام رضا سولنگي جي پيءُ محمد ماڻڪ سولنگي ۽ امڙ نظيران دانهيندي چيو ته اسان جي پٽ غلام رضا کي ڪارنهن الزام ۾ 15 ڏينهن اڳ مائٽ عبدالله سولنگي، حزب الله سولنگي ۽ شمس الدين وارا اغوا ڪري ويا، جنهن جو هن مهل تائين ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن چيو ته شڪ جي بنياد تي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان کي شڪ آهي ته پٽ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل نه ڪيو ويو هجي، ڇو ته 15 ڏينهن کان سندس ڪو پتو ناهي. هنن چيو ته پٽ به اسان جو اغوا ڪيو ويو ۽ ڪيس به اسان مٿان ڪري پوليس چڙهائي ڪرائي پئي وڃي، جنهن ڪري اسان دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ کي بازياب ڪرائي واقعي جي انڪوائري ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button