سنڌ

ڳيريلو واسي ٽيڪسي ڊرائيور جو بااثرن جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

باقراڻي ويجهو ڳيريلو واسي ٽيڪسي ڊرائيور بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ٽيڪسي ڊرائيور عبدالغفار قريشي دانهيندي چيو ته چار مهينا اڳ مان ڳيريلو واسي بااثر واپاري عمران ميئو کان اوڌر تي 45 هزار جو زرعي ڀاڻ خريد ڪيو هو، جنهن مان 30 هزار ڏئي چڪو آهيان، باقي 15 هزار رهيل آهن. هن الزام لڳايو ته اڄ بااثر عمران ميئو مونکي فون ڪري چيو ته پيسا ڏي، جنهن تي مان کيس چيو ته ڪجھ ڏينهن جي مهلت ڏيو، آئون توهان کي پيسا ڏيندس پر تنهن باوجود عمران پنهنجي ساٿين احسان، سمير، عبدالرحيم، شاهد علي، راشد سان گهر تي چڙهائي ڪندي مون مٿان بدترين تشدد ڪيو. اهڙي واقعي جي اين سي ڳيريلو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس بااثرن خلاف هن وقت تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button