سنڌ

لاڙڪاڻي عوامي اتحاد چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان مڪاني ادارن جي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي شهر جي وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جتي سوين ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي جعلي اليڪشن نامنظور، پوليس گردي نامنظور جهڙا نعرا لڳايا. ان موقعي تي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، ايم پي اي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي، مولانا ناصر خالد محمود سومرو، عامر ڀٽو، مولانا طاهر محمود سومرو، مولانا حميد الله سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هاڻي ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف جنگ جو اعلان ڪريون ٿا، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين اسان جي جنگ جاري رهندي. هي تحريڪ سنڌ جي هر ضلعي کان شروع ٿي ڪراچي تائين ختم ٿيندي، ڪنهن کي به اليڪشن جو مئنڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏنو ويندو. هنن چيو ته اڄ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي نعري ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري کي ورجائيندي وزيراعظم ميان شهباز شريف کان مطالبو ٿا ڪريون ته لاڙڪاڻي جي ووٽرن کي پنهنجو حق ڏياري، لاڙڪاڻي واسين سخت گرمي هوندي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته عوام هن جعلي اليڪشن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو. هنن چيو ته لاڙڪاڻي کان علاوه قمبر-شهدادڪوٽ، ميروخان سميت ٻين شهرن ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي جو چورايل مينڊيٽ پيش ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي انهن حرڪتن سبب سندس سمورا اتحادي کيس ڇڏي رهيا آهن ۽ پ پ جا اتحادي اڄ اسان سان گڏ بيٺا آهن. اسان پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته چونڊون فري اينڊ فيئر ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن کان نوڪر جي حيثيت سان چوري ڪرائي وئي آهي، جيڪڏهن مڪاني ادارن جون چونڊون ٻيهر نه ڪرايون ويون ته سنڌ حڪومت جي خاتمي تائين تحريڪ جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button