سنڌ

عرضي ڀٽو ويجهو پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

عرضي ڀٽو ويجهو ڦلڙي ريگيوليٽر وٽ گل شاھه شاخ ۽ سونھارو شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف مختلف گاڏين تي سوار ٿي ڦلڙي ريگيوليٽر وٽ پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن ممتاز ڀٽي، حسين بروھي، غلام علي لغاري، گدا حسين لغاري، عرس ڀٽي، غلام عباس سناڻي، الله بخش مگسي، عبدالرسول بروھي، سردار ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سونھارو ۽ گل شاھه شاخن مان واري اڏامي رھي آھي، پاڻي نه ھجڻ سبب ساريال فصل لا ٻيجارو پوکي نه سگھيا آھيون، جيڪي ٻج پوکيا سي به پاڻي نه ھجڻ ڪري سڙي سڪي ويا آھن. ھنن آبپاشي انجنيئر امجد جتوئي ۽ چيف انجنيئر لاڙڪاڻو سيد رياض شاهه تي الزام هڻندي چيو ته اسان جي حصي جو پاڻي بلوچستان جي بااثرن کي پئسن تي وڪرو ڪري رھيا آھن، اسان ڏانھن ڪجھه ايندڙ پاڻي وري ڦلڙي ريگيولٽر وٽ ٻين شاخن جا دروازا بند ڪري ٽانوري شاخ مان صرف شھدادڪوٽ وارن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ اسان کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، پاڻي نه ھجڻ ڪري ھزارين جريب زمينون غيرآباد آھن. تڪ جي چونڊيل نمائندن نادر مگسي ۽ گھنور اسراڻ به اسان آبادگارن جي مالڪي نه ڪئي آھي. ھنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي ته گل شاھه شاخ ۽ سونھارو شاخ ۾ پاڻي ڏياري اسان کي معاشي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button