سنڌ

ڊکڻ ويجهو مير واهه شاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڊکڻ ويجهو مير واهه شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ويجهو شڪارپور رتوديرو روڊ ميرواهه شاخ جي پل تي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙن سوين آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آبادگارن محمد ادريس مارفاڻي، عبدالفتاح، علي نواز، علي اڪبر، رئيس مير، فدا حسين، مولانا خليل الرحمان، دلدار مارفاڻي سيد اقرار شاهه ۽ ٻين چيو ته ساريالو ٻيجارو پوکيو هو جيڪو سڙي رهيو آهي، آبپاشي عملدار توڙي حڪومت پاڻي مسئلي تي ڌيان نٿي ڏي، هنن چيو ته اسان جي ٻچن جو پيٽ گذر سارين جي فصل تي آهي، اهو فصل نه ٿيو ته اسان مشڪلاتن ۾ اچي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button