سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير يونيورسٽي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي ملازم شيوا طرفان ليوانڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف ايڊمن بلاڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خالد سيال، محمد حسين چنجڻي، احسان چانڊيو، قاصد ڀاڳت، سڪندر ويسر، امجد علي عباسي ۽ ٻين چيو ته اسان کي ليوانڪيشمينٽ نه ٿي ڏني وڃي، جنهن ڪري اهڙي شڪايت وي سي کي ڪئي پر فنانس ڊائريڪٽر سرفراز تنيو بجيٽ کوٽ ڄاڻائي ليوانڪيشمينٽ نه ڏئي زيادتي ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري اڄ اسان ملازم مجبور ٿي ايڊمن بلاڪ اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملازم کي ليوانڪيشمينٽ جاري ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button