اسلام آباد : وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ نوان بنيادي پي اسڪيل 2022 نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيا. نوان بنيادي پي اسڪيل 2022 پهرين جولاءِ 2022 کان لاڳو ٿيندا. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق بنيادي پي اسڪيل 2022 بنيادي پي اسڪيل 2017 جي جاءِ تي لاڳو ٿيندا. نئين پي اسڪيل کان پوءِ پنج ئي ايڊهاڪ رليف ضم ٿي ويندا. ايڊهاڪ رليف 2016 کان 2021 وچ ۾ ڏنا ويندا، پهرين جولاءِ 2022 کان وفاقي ملازمن کي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ملندو. باقي خاص الائونس پراڻي سطح فڪس رهندا. سرڪاري ملازمن جي 30 جون 2022 جي بنيادي پگهار کي نئين پي اسڪيل ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو. گريڊ هڪ جي ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 13550 ۽ وڌ ۾وڌ 26450 رپيا هوندي. گريڊ 17 جي ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45070 ۽ وڌ ۾ وڌ 113470 رپيا هوندي. گريڊ 21 جي ملازم جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 113790 ۽ وڌ کان وڌ 217670 رپيا هوندي. گريڊ 22 جي ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 122190 ۽ وڌ کان وڌ 244130 رپيا هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close