سنڌ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي چائنيز ڪمپني جي وفد سان ملاقات

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چائنيز ڪمپني سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ طئي ٿيو ته چائنيز ڪمپني پيپلز بس سروس جي طرز تي ڪراچي ۾ نئين بس سروس جو آغاز ڪندي. نئين بس سروس 500 بسن جي فليٽ تي مشتمل هوندي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪمپني کي بسن جي خريداري ۽ ڪراچي آڻڻ جي لاءِ 4 مهينن جو وقت ڏئي ڇڏيو. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير چائنيز ڪمپني جي وفد سان ڳالهھ ٻولھه ڪندي چيو ته سموريون قانوني گھرجون مڪمل ڪري 4 مهينن جي اندر 500 بسون ڪراچي پهچڻ گھرجن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد ڪرڻ تي فوڪس آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي عوام کي وڌ ۾ وڌ جديد ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وڃن. چيني وفد ۾ شينڊونگ هائي اسپيڊ پاڪستان جي چيئي ڇنگ، زوهيب صديقي ۽ ڪنگ لونگ ڪمپني جو ڇن يوسن شامل هئا. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن رٽائرڊ الطاف حسين ساريو به موجود هو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button