سنڌ

آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون، ڌرڻا

راڻيپور مان اغوا ٿيل آديش ڪمار پنج ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيو، راڻيپور، سيٺارجا، پيرڳوٺ، پريالو ۽ سمي ۾ وارثن ۽ مختلف تنطيمن پاران احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب راڻيپور مان اغوا ٿيل 8 سالن جو نينگر آديش ڪمار پنج ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي سگھيو، سندس امڙ، ڏاڏي ۽ پيءُ روئي روئي بيحال ٿي ويا آهن. آديش ڪمار جي بازياب لاءِ وائيس آف راڻيپور پاران کير بازار کان ڊاڪٽر نظير کوکر، نماڻي سرڪي، علي امداد لاڙڪ، لياقت علي قمي، فھيم قادري، رحيل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي شھر جي مختلف رستن شاھي بازار، درزي بازار، موبائيل مارڪيٽ کان ٿيندي دستگير گيٽ تي پھتي. اڳواڻن چيو ته آديش کي 5 ڏينھن گذري ويا آھن پر پوليس اڃان تائين ان جو ڪوبه پتو لڳائي ناهي سگھي صرف ٺلها آسري ڏئي رھي آھي. انتظاميه کي آخري چتاءُ ڏئي رھيا آھيون ته آديش بازياب نه ڪرايو ويو ته پوءِ پوري سنڌ اندر ڌرڻا ھنيا ويندا. ٻئي پاسي جسقم مرڪز جي سڏ تي اڄ قومي شاھراھه تي دستگير گيٽ ڌرڻو ھنيو ويندو. جنھن ۾ جسقم جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي. جڏھن ته شھري تنظمين پاران اڄ مڪمل شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، هوڏانهن اسٽيپ فائونڊيشن جي چئيرپرسن شائسته بلوچ پنھنجي وفد سميت راڻيپور ۾ آديش ڪمار جي گھر پھچي سندس امڙ، ڏاڏي ۽ والد سان ملي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ کين ھر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. سيٺارجا شهر ۾ سنيل ڪمار، وجي ڪمار، هيرآنند، اشوڪ ڪمار، دليپ ڪمار، گلاب راءِ، سنجي ڪمار، چني لعل، ڌرمون مل، رميش ڪمار، اوڍر مل، جئي ڪمار، مٺو مل، ٺاڪو مل، چڻو مل ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب سيٺارجا پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جو ٻچڙو ڪيترن ئي ڏينهن کان لاپته آهي پر هن وقت تائين پوليس خاموش آهي، پهرين ڏينهن پوليس اسان کان 24 ڪلاڪن جو وقت ورتو ويو، جنهن کي چار ڏينهن گذري ويا آهن پر نينگر جو ڪوبه پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن اپيل ڪئي ته معصوم آديش ڪمار کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن سمي شھر ۾ سول سوسائٽي پاران الفت سهتو. رياض سهتو، ظھير سهتو، غلام حسين سهتو جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته ڏينهن ڏٺي جو معصوم آديش ڪمارکي اغوا ڪيو ويو پر راڻيپور توڙي ضلعي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.پيرڳوٺ ۾ هندو برادري ۽ سول سوسائٽي طرفان ريلي ڪڍي وئي ۽ جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ديوان لڪي، ابوبڪر شاهھ، پرويز ميمڻ، فهد مڱريو، محمد ياسين ڀٽو، سراج عالم مڱڻيجو، جنيد ميمڻ، علي حيدر شاھه، عابد ڀنڊ، مدثر مڱريو، بشير ڀنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. پريالو ۾ سول سوسائٽيءَ پاران ريلي ڪڍي وئي. ان سلسلي ۾ سوزوڪي اسٽينڊ وٽ ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھندو برادري امن پسند آهي ۽ ھڪ سوچيل سازش تحت ساڻن زيادتيون ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button