اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو ناقابل برداشت طوفان،ملڪ ۾ مهانگائي 13 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد : پاڪستان ۾ مالي سال 21-2020 جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال مهانگائي ۾ 12 سيڪڙو واڌ ۽ جون 2021 جي ڀيٽ ۾ جون 2022 ۾ مهانگائي 21 سيڪڙو وڌي، جيڪا ڊسمبر 2008ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح تي آهي. ڳڻپ واري کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب مئي 2022 جي ڀيٽ ۾ جون 2022 ۾ مهانگائي 6 سيڪڙو وڌي، ان دوران مئي جي ڀيٽ ۾ جون ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ بجلي اگهن ۾ 52 سيڪڙو ٿي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مالي سال ٽرانسپورٽ سيڪٽر يا ڀاڙن جي مد ۾ 62 سيڪڙو واڌ ٿي. کاڌي پيتي واري شين جا اگھه 30 سيڪڙو وڌيا، ماهوار بنيادن تي مئي جي مقابلي ۾ جون ۾ بجلي اگهن ۾ 52 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 32 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا 13 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. شماريات بيورو پاران جاري ڪيل مهيني جي رپورٽ موجب جون ۾ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 32 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جيڪا ڊسمبر 2008ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ مهانگائي جي سڀ کان وڌيڪ شرح 14 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هلندڙ سال جون ۾ مهانگائي جي شرح تيزيءَ سان وڌي 6 ڏهائي 34 سيڪڙو ٿي وئي. جون ۾ شهري مهانگائي وڌي 6 ڏهائي 19 سيڪڙو ٿي وئي. جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اها وڌي 6 ڏهائي 57 سيڪڙو ٿي وئي. انگن اکرن موجب مئي 2022ع ۾ مهانگائي جي شرح 13 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي. جڏهن ته جون 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 9 ڏهائي 7 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون ۾ 19 ڏهائي 8 سيڪڙو جي مقابلي ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ افراط زر جون ۾ 23 ڏهائي 6 سيڪڙو تي بيٺي آهي. مالي سال 2012-13 لاءِ 8 سيڪڙو سراسري مهانگائي جو هدف حاصل نه ڪيو ويو ۽ گذريل مالي سال ۾ سراسري مهانگائي 12 ڏهائي15 سيڪڙو تي هئي. مختلف شعبن ۾ ٻٽي عددي مهانگائي ڏٺي وئي آهي، پر اهو رجحان خاص طور تي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ هو، جنهن ۾ 62 ڏهائي 17 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته جلد خراب ٿيندڙ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ 36 ڏهائي 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٻيا شعبا جن ۾ افراط زر ٻٽي انگن ۾ رهي ٿو، انهن ۾ خراب ٿيندڙ کاڌو 24. ڏهائي 43 سيڪڙو، ريسٽورنٽ ۽ ھوٽل، سامان ۽ گھر جي سامان جي سار سنڀال، الڪوحل مشروبات ۽ تمباڪو، ڪپڙا ۽ بوٽ، هائوسنگ ۽ يوٽيلٽيز، صحت شامل آهن. واضح رهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ کانپوءِ روزاني ضرورت جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اتحادي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض جون قسطون جاري ڪرڻ لاءِ سخت شرطون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو واضح مثال پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button