سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سينيئر صحافي ۽ تجزيه ڪار اياز مير تي حملي، تشدد ۽ موبائيل کسڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هي تمام شرم جوڳي حرڪت آهي، ۽ اظهار جي آزادي تي سواليه نشان آهي، اختلاف راءِ رکندڙن تي طاقت جو استعمال آمراڻي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. ڪراچي مان جاري پنهنجي مذمتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نڪ جي پڪائي سان اختلاف رکندڙن جي خلاف تشدد جورستو اختيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن ڪرپٽ ۽ نيب سٽيل حڪومت ۾ پيدا ٿيندر سياسي ۽ معاشي بحران سان ميڊيا جو ماحول بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض نڀائڻ دوران سندن خدشا وڌندا پيا وڃن. صحافين کي سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ مٿن ظلم ڪيو پيو وڃي سيد زين شاهه گهر ڪئي ته واقعي جي اعليٰ ستحي جاچ ڪرائي جوابدارن کي قانون مطابق سخت سزا ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close