سنڌ

عمران خان جو ڪيتو قوم ڀوڳي رهي آهي: شازيا مري

غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيا عطا مري چيو آهي ته عمران خان ادارن تي تنقيد ڪري پنهنجي ڏوهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي آئينو ڏسي پاڻ کان سوال ڪري ته غدار ڪير آهي؟ ڀارتين ۽ يهودين کان پئسا وٺڻ غداري ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ وفاقي وزير چيو ته عمران خان ملڪي معيشت تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به قصر نه ڇڏي، هو وڌيڪ اقتدار ۾ رهي ها ته ملڪ ڊفالٽ ٿي وڃي ها. هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته نالائق وزيراعظم عالمي سطح تي پاڪستان کي اڪيلائي جو شڪار ڪيو، پر هاڻي دنيا بلاول ڀٽو زرداري کي عزت ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي پرڏيهي دورن جا بهترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي نالائقي جو ڪيتو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button