سنڌ

سنڌ ۾ ڪاروبار رات 9 وڳي بند ڪرڻ وارو حڪم عيد سبب معطل

اسلام آباد ۽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ڪاروباري وقت جي حوالي سان حڪم نامو وقتي طور معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته پابندين جو نوٽيفڪيشن 11 جولاءِ کان هڪ ڀيرو ٻيهر لاڳو ٿيندو. واضح رهي ته سنڌ حڪومت توانائي بحران تي ضابطي لاءِ 9 وڳي ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هوڏانهن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا به دڪانن جي بندش بابت حڪم 10 جولاءِ تائين معطل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب دڪانن جي بندش جا حڪم معطل ڪرڻ جو فيصلو عوام جي مفاد خاطر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button