سنڌ

اپوزيشن ڳالهيون ڪري اختلاف نبيري:خورشيد شاهه

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن 10 سال زراعت تي سپورٽ ڪريون ته پاڪستان پيرن تي بيهي رهندو، پوءِ اسان کي آئي ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. ميڊيا سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ خورشيد شاهه گڏيل اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو ته اچو ويهو ۽ گڏجي اختلاف ختم ڪريون. مون کي وزارت پياري نه آهي، پاڪستان پيارو آهي، ان لاءِ وزارت ۾ ويهي ڪم ڪري رهيو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته جلسا سڀ ڪندا آهن، عمران خان به ڪندو رهي ڪو فرق نٿو پوي، جلسا ڪرڻ عمران خان جو حق آهي پر کيس سوچڻ گهرجي ته جنهن پاڪستان کي هو تباهه ڪري رهيو آهي، هي پاڪستان اسان جي وڏڙڻ وڏين قربانين عيوض حاصل ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ڀٽو ۽ قائداعظم ٽٽل پاڪستان ٺاهي ڏنو ۽ اڄ ڇا ٿي رهيو آهي جو ڪجهه ماڻهو پنهنجي انا لاءِ ٺهيل پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن اوهان پارليامينٽ جو احترام نه ڪريو ۽ ادارن کي طاقت نه ڏيو ته پوءِ ائين ٿيندو آهي، جيئن عمران خان ۽ ان جي حڪومت ڪيو. عالمي مالياتي فنڊز بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ڪاٽن جي قيمت 8 هزار، ڪڻڪ 3 هزار ۽ سرنهن 7 هزار ڪري ڇڏي، هاري 1700 بدران خوشي وچان 3 هزار جي يوريا وٺڻ تي به تيار ٿي ويندو پر ضرورت آهي ته اسان عوامي مفاد کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪريون، ۽ پاليسي ٺاهيون سگريٽ بابت ٽيڪس لڳائڻ جي بيان جو دفاع ڪندي وفاقي وزير چيو ته هن سگريٽ واپرائڻ سان انسان کي کوڙ ساريون بيماريون لڳن ٿيون، سگريٽ تي وڌيڪ ٽِيڪس لڳائڻ سان ان جا واهيپيدار وڏي انگ ۾ گهٽجي ويندا پر ضروري شين تي جڏهن ايترو ٽيڪس آهي ته سيگريٽ تي به وڌيڪ ٽيڪس لڳڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button