سنڌ

وڏي وزير سنڌ ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سموري سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعليٰ سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي واري صوبائي وزير محمد ساجد کي رين ايمرجنسي ملير جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ضلعي ڪائونسل ڪراچي، بلديه ، ملير سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رحڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سوشل ويلفيئر کاتي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پوري سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪري سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن. هن چيو ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي ، بلديه، ملير سميت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. برسات دوران صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور انتظام ڪيا وڃن. ساجد جوکيو چيو ته عوام کي هر طرح سان رليف فراهم ڪيو وڃي، رين ايمرجنسي جي سمورين انتظامن جي نگراني هي پاڻ ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button