اسلام آبادپاڪستان

ايف بي آر جي 350 ملازمن کي بجيٽ ڊيوٽي ۾ پئسا ڏيڻ جي جاچ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي ٽيڪس محتسب چيئرمين ايف بي آر جي ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ ملازمن کي بجيٽ ڊيوٽي جي نالي تي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي منظوري تي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) ڊاڪٽر آصف جاهه فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 373 ملازمن کي بنا ڪنهن سبب بجيٽ ڊيوٽي جي نالي تي انعام فراهم ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان ايف بي آر چيئرمين ۽ سيڪريٽري روينيو ڊويزن خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ۽ چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ سيڪريٽري روينيو ڊويزن اسلام آباد کان بدانتظامي جي الزامن تي 15 جولاءِ 2022 تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) طرفان ٽيڪس ادا ڪندڙ وحيد شهزاد بٽ پاران ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين ايف بي آر آفيسرن خلاف داخل ڪيل عوامي مفاد جي شڪايت جي بنياد تي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ۽ شڪايت ڪندڙ معاملي کي نه رڳو خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پر ان قدمن کي قومي خزاني جي وسيلن تي ڏينهون ڏينهن ڦرلٽ قرار ڏيندي شڪي ڪردار جي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ اختياري انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ وحيد شهزاد سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ايف بي آر جي ونگز جي معائني جا اختيار ايف بي آر جي ٽيڪس مشينري ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن کي روڪڻ جو هڪ مؤثر وسيلو آهن، ايف ٽي او آرڊيننس جي سيڪشن 17 تحت اختيار ڪيا ويا آهن. ايف ٽي او آفيس وٽ ٽيڪس مشينري ۾ بدانتظامي جي جاچ ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن جن تحت وفاقي ٽيڪس محتسب جي آفيس سيڪشن 10 (شڪايتن) تحت شڪايتن جي جاچ ڪري سگهي ٿي. شڪايت ڪندڙ جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 2 اي، 3، 4، 5 ۽ 9 تحت ڏنل ضمانتن جي ڀڃڪڙي ايف بي آر جو فوري عمل اقربا پروري، تعصب ۽ قوم جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي کي فروغ ڏيندو. ايف ٽي او سيڪريٽري روينيو ڊوين ۽ چيئرمين ايف بي آر کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ۽ نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته سيڪشن 10 (4) تحت لڳايل الزامن جو جواب 15 جولاءِ 2022 تائين داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button