پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ويجهو پيئڻ بلا جي ڦوڪڻ سبب ننڊ پيل 2 ڀائر فوت

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان پيئڻ بلا جي ڪکڻ سبب ٻه ڀائر فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن پيرو کڻي پيئڻ بلا کي ماري ڇڏيو.تفصيل موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي ڳوٺ مونهتار ۾ پيئڻ بلا ٻن ڀائرن کي ڏنگي وڌو، جنهن سبب ٻئي ڀائر سٺ ورھين جو متارو ۽ پنجھٺ ورھين جو ڀليڏنو سنگراسي بر وقت فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گهر ڀاتين موجب ٻئي ڀائر مهمانن سان گڏ گھر جي ٻاهران اوطاق تي سُتل هئا، خبر نه آهي ته ڪهڙي وقت هنن کي پيئڻ بلا ڏنگيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويا. اسان کي صبح جو چانھه لا نه اۡٿڻ تي مهمانن سڏ ڪيو، پو وڃي ڏٺوسين ته ٻئي فوت ٿي چڪا هئا. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن شڪ ٿيڻ تي جاچ ڪئي ته بلا جو ليڪو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو پيرو کڻي پيڇو ڪري لڪي ويٺل 10 کان 12 فوٽ ڊگهي پيئڻ بلا کي ماري ڇڏيو. هوڏانهن هڪ ئي گهر ۾ ٻن ڀائرن جي فوت ٿيڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button