پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ بلدياتي اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ پ پ جي ريلي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ بلدياتي الڪيشن کٽڻ جي خوشي ۾ پ پ پاران ريلي ڪڍي وئي. پ پ عمرڪوٽ پاران بلدياتي اليڪشن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ضلعي جنرل سڪريٽري صوفي نواز، انفارميشن سڪريٽري برهان ڪنڀار، اڳوڻي ٽائون چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو، الهبچايو کوسو، شوڪت اڌيپوري، رميش رتناڻي بجير ۽ چيتن گوئيل جي اڳواڻي ۾ تين تلوار چوڪ کان ٿر بازار تائين جشن ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ اميدوارن ۽ جيالن جهمريون هڻي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته بلدياتي الڪيشن جي نتيجن واضع ڪري ڇڏيو آهي ته عمرڪوٽ ضلعو پ پ جو قلعو آهي، مخالف اليڪشن هارائڻ بعد ٻرن ۾ لڪي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button