پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ريلي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 يونين ڪميٽين مان 17 سيٽون، 7 ٽائون ڪميٽيون ۽ ضلعي جون 44 يوسيز کٽڻ جي خوشي ۾ پ پ ضلعي ميرپورخاص پاران شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي يوسي 6 جي چيئرمين اقبال پنهور پاران جروار چوڪ تي لڳايل مک ڪئمپ تان نڪتي، جيڪا مختلف رستن تان گشت ڪندي رهي، جنهن دوران ماڻهن ريلي تي گلن جي ورکا ڪئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارون، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون گاڏيون شامل هيون. ريلي جي اڳواڻي پ پ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي ۽ انفارميشن سيڪريٽري عبدالسلام ميمڻ ڪئي، جنهن ۾ ميرواهه ٽائون ڪميٽي مان کٽي آيل اميدوار چوڌري احسان، هيرالال ميگهواڙ، پ پ اڳواڻ شاهنواز مغل، اسحاق ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مختلف هنڌن تي ريلي کي خطاب ڪندي مير حسن ڌونڪائي، عبدالسلام ميمڻ، اقبال پنهور ۽ ٻين چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ سمورين پارٽين ۽ ڌرين کي زبردست شڪست ڏئي وڏي سوڀ ماڻي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين، ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ۽ ضلعي جي 7 ئي ٽائون ڪميٽين ۾ پ پ جا چيئرمين چونڊبا. پ پ پنهنجي ترقياتي ڪمن سبب عوام جي دلين ۾ جايون ٺاهيون آهن، مخالف ڪيتريون به سازشون ڪن، کين هميشه شڪست ئي نصيب ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button