پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ ڳوٺاڻن غيرقانوني پاڻي ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

شاهپور چاڪر: شاهپورچاڪر جي ڳوٺ حمير خان ڄاريڪو ۾ 2 مهينن کان واٽر سپلائي جو پاڻي نه پهتو، ڳوٺاڻن ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 جي ڪائونسلر فتح محمد ڄاريڪو، دولهھ ڄاريڪو، مبارڪ علي ڄاريڪو ۽ قربان علي ڄاريڪو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن الزام مڙھيو ته ڳوٺ حمير خان ڄاريڪو ڏانهن ويندڙ واٽر سپلائي جي مين لائين ۾ غير قانوني ڪنيڪشن ڏنا ويا آھن، جنهن جي ڪري ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آھي، ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي کارو آھي، ڪيترائي ئي ڳوٺاڻا گندو پاڻي واپرائڻ سبب هيپاٽائيٽس ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي ويا آھن. ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو واٽر سپلائي جي اسڪيم ڳوٺ کي ڏني، پر هاڻ لاڳاپيل انتظاميا ڳوٺ ڏانهن ويندڙ واٽر سپلائي جي مين لائين مان غير قانوني ڪنيڪشن ڏنا آھن، جنهن جي ڪري ٻن مهينن کان ڳوٺ ۾ واٽر سپلائي جو پاڻي نه پيو اچي، جنهن سبب اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آھي، اسان غيرقانوني ڪنيڪشنن جي نشاندهي ڪري ٽائون ۽ پبلڪ هيلٿ عملدارن کي اطلاع ڪيو، پر ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي، جنهن بعد اسان سمورا غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن. هنن گهر ڪئي ته غيرقانوني ڪنيڪشن هڻندڙن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button