پاڪستانپنجاب

پنجاب حڪومت طرفان فرح گوگي جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

لاهور: پنجاب حڪومت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بيبي جي ساهيڙي فرح شهزادي عرف فرح گوگي کي واپس ڏيهه آڻڻ لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ صوبائي گهرو وزير عطا تارڙ ۽ قانون واري وزير ملڪ احمد خان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي فرح گوگي خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي ۽ چيو ته عمران خان کيس واپس آڻي. سندن چوڻ هو ته بشريٰ، گوگي ۽ ڪپتان پاڪستان کائي ويا، عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور اهي، عمران خان جي ڪرپشن تي ته نيٽ فليڪس ۾ سيريز ٺهندي، ڇو ته فرح گوگي، بشريٰ بي بي ۽ جميل گجر جي ٽرائيڪا جو سربراهه عمران خان آهي. هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان فرح گوگي ۽ ان جي مڙس کي واپس آڻي، اسان فرح جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري رهيا آهيون، توهان جو ڪو ڌاڙو 50 ڪروڙن کان گهٽ ناهي، توهان جي ڪرپشن سامهون ايندي آهي ته فوج کي گهٽ وڌ چوڻ شروع ڪندا آهيو ۽ ادارن تي حملا ڪندا آهيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ سان ثابت ٿي ويو ته بشريٰ بي بي جي حڪم تي اسان جي خلاف غداري جا ٽرينڊ هلائي سياست کي گندو ڪيو ويو. عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان چيو ته عمران خان ٽي سال چوندو رهيو ته سڀ هڪ پيج تي آهيون، عمران خان کي توشا خانا کان بهتر نالو نٿو ڏئي سگهجي، توهان پاڪستان جي سياست کي گندو ڪيو ۽ پاڪستان کي سفارتي سطح تي گندو ڪيو. هنن چيو ته ڪالهه کان هڪ ٽيپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي خاتون اول جي ڳالهه ٻولهه آهي، گهريلو عورت جو نظريو توهان سڀني ڏسي ورتو هوندو ته هن حڪم ڏنو ته مخالفن خلاف غداري جا ٽرينڊ هلايا وڃن. صوبائي گهرو وزير عطا تارڙ الزام مڙهيو ته “فرح گوگي 10 ايڪڙن جو انڊسٽريل پلاٽ جيڪو 60 ڪروڙ رپين جي ماليت جو هو اهو رڳو 8 ڪروڙ 30 لک رپين ۾ پنهنجي نالي ڪرايو، سندس مڙس احسن جميل جعلي بئنڪ گارنٽي وٺي پلاٽ پنهنجي نالي منتقل ڪرايو جڏهن ته بشريٰ بيبي بني گالا ۾ ويهي انهن سمورن معاملن کي ڊيل ڪندي رهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button