اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ڪابينا جو اجلاس گهرائي ورتو،معاشي صورتحال تي غور ٿيندو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. اجلاس جي 5 نڪاتي ايجنڊا وفاقي ڪابينا ميمبرن کي موڪلي وئي آهي، جنهن موجب اجلاس ۾ لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي آڊٽ لاءِ آڊيٽرز جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. جڏهن ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 جون جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي. ڪابينا جي ليجسليٽو ڪميٽي جي 29 جون جي فيصلن جي منظوري ۽ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button