پاڪستان

راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 20 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا: راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار 11 زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ مطابق حادثو شيراني ضلعي جي علائقي دانه سر ڀرسان پيش آيو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر شيراني جو چوڻ آهي ته حادثو خيبر پختونخوا جي حدن ۾ پيش آيو. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب ڪوچ راولپنڊي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته خيبر پختونخوا جي حدن ۾ کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته حادثي ۾ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي زوب ۽ مغل ڪوٽ منتقل ڪيو ويو. بس ڪمپني جو چوڻ آهي ته بس ۾ سوار اڪثريت شاگردن ۽ افغان شهرين جي هئي جيڪي عيد ملهائڻ پنهنجن علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي قيمتي حياتين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين جي بهتر طبي امداد جي هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button