پاڪستان

تباهي کان بچڻ لاءِ ڏکيائين مان گذرڻ جو فيصلو ڪيو: گهرو وزير

فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي سبسڊي وڌائڻ تي آءِ ايم ايف ريڊ مارڪ ڪري ڇڏيو هو، مجبوري ۾ ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڏکيائين مان گذرڻ جو فيصلو ڪيو. فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ 8 هزار ڪرسيون لڳايون ويون ۽ خيبر پختونخوا مان ماڻهو آندا ويا، اسلام آباد جا ٻه هزار کن ماڻهو هئا. هن چيو ته جنهن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، اهو پاڻ منهن لڪائيندو پيو وتي، عمران خان پاڻ پرويز الاهي کي پنجاب جو سڀ کان وڏو ڦورو چيو، ڪير سڀ کان وڏي ڦورو کي وڏو وزير بڻائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي رهيو آهي؟ راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته اڃا 50 جي لڳ ڀڳ گوگيون ۽ گوگا برآمد ٿيندا، مهانگائي وڌڻ جو بنيادي سبب تيل جا اگهه وڌڻ آهي، آءِ ايم ايف ضد ڪيو ته سبسڊي ختم ڪرڻي آهي، عمران خان جي سبسڊي وڌائڻ تي آءِ ايم ايف ريڊ مارڪ ڪري ڇڏيو هو، مجبوري ۾ ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڏکيائين مان گذرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي گهرواري جي آڊيو سان سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو، انهن جا عمل سامهون اچي رهيا آهن، هنن سڄي قوم کي ڪنگال ۽ بي حال ڪري ڇڏيو. هن چيو ته شهباز شريف اتفاق راءِ سان اتحادين سان گڏ هلي رهيو آهي، آرمي چيف جي مقرري وقت تي ۽ طريقي ڪار موجب ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button