اسلام آبادپاڪستان

جانورن تي تشدد ڪندڙن کي هاڻ جيل وڃڻو پوندو

اسلام آباد: پاڪستان حڪومت پاران پهريون ڀيرو جانورن جي فلاح ۽ بهبود جي قانون ۾ ترميمن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جانورن تي ظلم ڪندڙن کي جيل وڃڻو پوندو. جيئرن جانورن تي ڪنهن به قسم جي ٽيسٽ ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. هي نئين قانون جي حوالي سان وزيراعظم شهبازشريف جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته هي قانون في الحال صرف اسلام آباد ۾ لاڳو ٿيندو پر وفاقي حڪومت هن قانون تي عمل لاءِ صوبن جا حوصلا وڌائيندي. سلمان صوفي مطابق پاليل جانورن جي مارڪيٽن لاءِ معياري رهنما قاعدن ۽ ضابطن جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته مقرر ڪيل ضابطن جي خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ وڌو ويندو ۽ سندن دڪان به بند ٿي سگهن ٿا. اهو ئي نه پر جانورن جي فلاح ۽ بهبود جي هن قانون ۾ جانورن تي ظلم جي ڏوهن لاءِ سخت سزائون شامل آهن. اسٽريٽڪ ريمارڪز يونٽ جي سربراهن مطابق هن قانون موجب جانورن تي ظلم ڪندڙن کي 15 هزار رپيا ڏنڊ ۽ جيل وڃڻو پوندو. هن ٻڌايو ته اسلام آباد جا رهواسي هيلپ لائين 1819 تي جانورن سان ٿيندڙ ڪنهن به ظلم جو اطلاع عملدارن تائين پهچائي سگهندا. سلمان صوفي ٻڌايو ته هن قانون جي قومي سطح تي عمل لاءِ هڪ جامع قانون پارليامينٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button