اسلام آبادپاڪستان

عمران نيازي آئينو ڏسي پاڻ کان سوال ڪري ته غدار ڪير آهي:شازيا مري

اسلام آباد: وفاقي وزير ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته عمران نيازي آئينون ڏسي پاڻ کان سوال ڪري ته غدار ڪير آهي، ڀارتين ۽ يهودين کان پئسا وٺڻ غداري نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ وفاقي وزير چيو ته عمران خان ادارن تي تنقيد ڪري پنهنجا ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شازيا مري چيو ته ادارا نيوٽرل ٿيا ته ملڪ بچي ويو. عمران خان ملڪ جي معيشت تباهه رڪڻ ۾ ناڪام ڪسر ناهي ڇڏي. شازيا مري چيو ته عمران وڌيڪ اقتدار ۾ هجي ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. وفاقي وزير چيو ته نالائق وزيراعظم عالمي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. دنيا موجوده پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي عزت ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي دورن جا بهترين نتيجا اچي رهيا آهن. جڏهن ته عمران خان جي نالائقي جو نتيجو اڄ قوم ڀوڳي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button