اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جا 650 نوان ڪيس رپورٽ،138 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 755 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون، پازيٽو ڪرونا ٽيسٽن جي شرح 3 ڏهائي 88 سيڪڙو رهي. آچر ڏينهن اين آئي ايڇ طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار 755 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 650 ماڻهن جون ٽيسٽون پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪرونا ٽيسٽن جي شرح 3 ڏهائي 88 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب 2 مريض فوت ٿيا. جڏهن ته 138 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button