عالمي

جاپان جو اڳوڻو وزيراعظم شنزو آبي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو

ٽوڪيو: جاپان جو اڳوڻو وزيراعظم شنزو آبي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب 67 ورهين جو شنزو آبي جاپان جي اولهندي شهر نارا ۾ خطاب دوران فائرنگ جي واقعي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب شنزو آبي تي حملي وقت فائرنگ جو آواز ٻڌو ويو، شنزو آبي تي حملي کانپوءِ هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو. مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شنزو آبي کي قاتلاڻي حملي کانپوءِ دل جو دورو به پيو هو. اختيارين موجب شنزو آبي کي ٻه گوليون لڳيون ۽ هو اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي سندس حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئي. واضح رهي ته شنزو آبي پهريون ڀيرو 2006ع کان 2007ع ۽ پوءِ 2012 کان 2020 تائين جاپان جو وزيراعظم رهيو. هو جاپان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصو وزيراعظم رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button