پاڪستان

عمران طيبه جي وڊيو سان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو: مريم نواز

شيخوپورا: ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته طيبه گل جي وڊيو کي عمران خان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس ختم ٿي ويا. شيخوپورا ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز دعويٰ ڪئي ته ن ليگ ايندڙ چونڊن تائين هلي وئي ته ملڪ مان مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته عمران خان اڄڪلهه ٽي وي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عوام جو مٿو کائيندو آهي، ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ڏيڍ منٽ به پنهنجي ڪارڪردگي ناهي ٻڌائيندو، گاريون ڏيندڙ 4 سالن ۾ پنهنجا 4 ڪم به عوام کي نه ٻڌائي سگهيو. سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي خبر آ ته مهانگائي ڇو آهي، مهانگائي عمران خان جي ظلم سبب آهي، عوام غريب، جڏهن ته گوگي ۽ پنڪي جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا، حمزا شهباز عوام لاءِ 100 يونٽ بجلي مفت ڪئي ته فتنو خان عدالت پهچي ويو. مريم نواز چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه گهٽجي رهيا آهن، انتظار ڪيو شهباز شريف ڪجهه ڏينهن ۾ رليف ڏيندو، شير تي يقين رکو، مهانگائي گهٽ ٿيندي، ن ليگ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button