سنڌ

آديش جي بازيابي لاءِ راڻيپور ۾ هڙتال، قومي شاهراهه تي 9 ڪلاڪ ڌرڻو

راڻيپور مان 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ راڻيپور ۾ شٽربند هڙتال ڪري برسات باوجود 9 ڪلاڪ قومي شاهراھه تي ڌرڻو هنيو ويو، جسقم جي سڏ تي معصوم آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ راڻيپور شھر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي، روادري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، قومي ڪارڪن ڊاڪٽر نذير کوکر، امداد لاڙڪ، ساجد منڱريو، نور محمد تنيو، پروفيسر ساجد سومرو، سماجي اڳواڻ صنم منگي، نماڻو سرڪي، آديش جو والد ھيرو مل، مکي نانڪ رام جي اڳواڻي ۾ شھرين، واپارين، وڪيلن، سماجي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي کير بازار کان باب دستگير تائين ھڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو. جيڪو شديد برسات باوجود 9 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو. اڳواڻن چيو ته آديش ڪمار کي اغوا ٿئي 12 ڏينھن گذري ويا آھن پر اڃا تائين بازياب ٿي ناھي سگھيو، جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور آديش ڪمار جي وارثن کي يقين ڏياريو ھو ته آديش ڪمار کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرائينداسين پر ان کي به چار ڏينھن گذري ويا، پوليس ڇاٿي ڪري ڪا خبر نه آھي، صرف ڪوڙا ڏٺا ڏنا ٿا وڃن، آديش جي والد کي حراسان ڪيو پيو وڃي ته ھو خاموش ٿي ويهي رھي. ڌرڻي ۾ ھندو ڪميونٽي چونڊڪو، سکر، ڦاڙاھڙو، ظفر آباد، گمبٽ، خيرپور، سيٺارجا، گھوٽڪي سميت ننڍن وڏن شھرن کان پڻ شرڪت ڪئي، جڏھن ته راڻيپور جي سول سوسائٽي، راڻيپور چيمبر آف ڪامرس پڻ شرڪت ڪئي، جڏھن ته 8 ڪلاڪ قومي شاھراهه بند ھجڻ سبب روڊ جي ٻنهي طرف کان ھزارين گاڏيون بيھجي ويون، جڏھن ته ايم اين اي فضل شاھه جيلاني، اوقاف کاتي جي صوبائي وزير احمد رضا شاھه جيلاني جو ننڍو ڀاءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر سيد احمد نواز شاھه عرف جگنون سائين ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ۽ ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪري آديش جي معلومات ورتي. ايس ايس پي خيرپور خاطري ڏياري ته ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ٽن ڏينھن اندر آديش کي بازياب ڪرائيندس، جنھن تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ايس ايس پي اڳ ۾ به واعدو ڪيو ھو پر اھو وفا نه ٿيو، جيستائين آديش بازياب نه ٿيندو ڌرڻو اسان جو جاري رھندو. هوڏانهن نوابشاهه جي علائقي چانڊيا ڪالوني وارڊ 3 جي رھواسين آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ راشد چانڊيو، سرفراز چانڊيو، عرفان چانڊيو، نزاڪت چانڊيو، سجاد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button