سنڌ

صالح پٽ ۾ زال مڙس جو ناٺي خلاف احتجاج

صالح پٽ ويجهو ڳوٺ ترور جي رهواسي محمد حسن کوسو ۽ ڪزبانو کوسو تعلقه پريس ڪلب صالح پٽ پهچي پنهنجي ڄاٽي خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته 2 سال اڳ اسان پنهنجي ڌي سعيده جي شادي ثناءِ الله کوسو سان ڪرائي هئي، شادي بعد ثناءِ الله کوسو ۽ سندس پيءِ محمد کوسو اسانجي نياڻي تي اجايو تشدد ڪندا رهن ٿا، گذريل 10 مهينن کان اسان کي نياڻي سان ملڻ نه ٿا ڏين، خدشو آهي ته هنن اسان جي نياڻي کي شايد ماري ڇڏيو آهي، اسان چڱن وٽ دانهيون ٿا ته هو موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ثنا الله کوسو جي ناجائزين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button