ڪراچي ۾ انتظاميا ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لا پهچي وئي،مزاحمت ڪندڙ علائقي واسين تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي،3 عورتون زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي غيرقانوني قرار ڏئي عمارتون ڊاهڻ دوران عملي ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿي پيون، ائنٽي ڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان عمارتون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته رهواسين مزاحمت ڪئي، پوليس ڳوٺاڻن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران 3 عورتون زخمي ٿي پيون، علائقي واسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ائنٽي انڪروچمينٽ عملو ۽ پوليس بنا جواز تنگ ڪري رهي آهي، پهرين دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا. علائقي واسين موجب هاڻي وري رهائشي عمارتون به ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڳوٺ ۾ ورهين کان رهندڙ سوين خاندانن کي بيگهر ڪرڻ نه ڏنو ويندو. علائقي واسين حڪومت کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close