اسلام آبادپاڪستان

نيب آرڊيننس تي وفاقي حڪومت،ايوان صدر ۽ چيئرمين نيب کي نوٽيس

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب آرڊيننس خلاف درخواست تي وزيراعظم آفيس، ايوان صدر، سيڪريٽري قانون ۽ چيئرمين نيب جاويد اقبال، وفاقي حڪومت، سيڪريٽري سينٽ ۽ قومي اسيمبلي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو. خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي خلاف درخوست تي شنوائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي. عدالت نيب ترميمي آرڊيننس خلاف درخواست ۾ وزيراعظم آفيس، ايوان صدر، سيڪريٽري قانون ۽ چيئرمين نيب جاويد اقبال، وفاقي حڪومت، سيڪريٽري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي ايندڙ شنوائي تي طلب ڪيو. درخواست شهري لطيف قريشي پاران ڊاڪٽر جي ايم چوڌري داخل ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر جي ايم چوڌري جو چوڻ هو ته عدالت نيب آرڊيننس کي غيرقانوني، غير آئيني، انتهائي امتيازي ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏي ۽ انصاف جي مفاد ۾ هاءِ ڪورٽ اهڙي قسم جي غيرقانوني ۽ غير آئيني آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button