اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جو اعظم سواتي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ريلوي واري وزير اعظم سواتي جي مهلت جي اپيل رد ڪندي کيس ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف سينيٽر اعظم سواتي جي اليڪشن ڪميشن جي الزامن جي ڪيس جي شنوائي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني ۽ شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل بئنچ ڪئي. اعظم سواتي جي وڪيل جو جونيئر وڪيل تنوير ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته وڪيل چوڌري فيصل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. اليڪشن ڪميشن ميمبر شاهه محمد جتوئي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان سينيئر وڪيل کان ڪيس تي بريفنگ نه ورتي؟ اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني چيو ته وڪالت نامو ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي کي مهلت ڏيڻ جي اپيل رد ڪندي کيس 26 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام هڻندي چيو هو ته اليڪشن ڪميشن جون جمهوريت لاءِ ڪي خدمتون ناهن، اهڙي اداري کي باهه ڏئي ڇڏڻ گهرجي. چيف اليڪشن ڪمشنر اعظم سواتي جي الزامن جو نوٽيس وٺندي وفاقي وزير کان جواب طلب ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button